ري??ض- 23 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير توفيق الربيعه چيو آهي ته مملڪت جو سفر ڪندڙ عالمي حج پانڌيئڙن جي حج خرچن جي لاڳت ۾ 39 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، سعودي ميڊيا موجب هن حج لاءِ مملڪت جي تيارين تي روشني وجهندي چيو ته هلندڙ سال حج سيزن دوران مجموعي طور تي 37 سرڪاري ادارا حج پانڌيئڙن کي خدمتون فراهم ڪندا، حج پانڌيئڙن جو انگ ڪورونا ڪوائرس جي وبا کا?? اڳ جي سطح تي واپس اچي ويو آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري سعودي عرب ۾ پابنديون لاڳو هجڻ کا?? اڳ تقريبن 26 لک ماڻهو هر سال حج جو فرض ادا ڪندا هئا، ان کا??سواءِ سعودي ه??ال احمر هلندڙ حج سيزن دوران مقدس ماڳن تي ه??گامي خدمتون لاءِ 8 آگسٽ اويسٽ لينڊ اي ڊبليو 139 هيلي ڪاپٽر مختص ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ان هيلي ڪاپٽرز کي مقدس ماڳن تي ه??گامي طبي خدمتن لاءِ استعمال ڪيو ويندو، هي ه??لي ڪاپٽر جديد اوزارن، اهل طبي عملي تي ٻڌل آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري رد عمل کي يقيني بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا، سعودي عرب جي مقدس شهر مڪي شريف ۾ ساليانو حج 26 جون کا?? شرو ع ٿيندو، ٻئي طرف خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز هلندڙ سال حج ادا ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ??لڪن کا?? ايندڙن جي آجيان ڪئي.
عالمي حج پانڌيئڙن جي خرچن ۾ 39 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي: سعودي وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد