جڪارتا-21 ڊسمبر (اي پي پي) اوڀر انڊونشيا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ مسافر ٻيڙي گم ٿي وئي آهي، ٻيڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 ماڻهو سوار هئا. اي ايف پي موجب هڪ انڊونيشيا جي اهلڪار مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ??ه امدادي ڪارڪن ان ٻيڙي جي ڳولا ڪري رهيا هئا جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 مسافر سوار هئا، ٻيڙي ا??بع ڏينهن اوڀر انڊونيشيا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ ماموجو ايجنسي جي ڪ??اري تان گم ٿي آهي، انڊونيشي ا??اري ماموجو سرچ اينڊ ريسڪيو (ايس اي آر) جي سربراهه محمد رجال ٻڌايو ??ه شادي جي 28 مهمانن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ۾ امبو جزيري جي پاڻي ۾ داخلا کانپوءِ رابطو ڪٽجي ويو هو. ٻيڙي مقامي وقت موجب صبح 10 وڳي ويجهو امبو جزيري کان رواني ٿي هئي ۽ ان جي شام 4 وڳي ماموجو جي پورٽ سماري جي مقام تي پهچڻو هو. ياد رهي ته انڊونيشيا جيڪو تقريبن 17000 جزيرن تي ٻڌل ملڪ آهي ۾ حفاظت جي ڪ??زور معيارن سبب سامونڊي حادثا عام آهن.
انڊونيشيا ۾ 28 مسافرن سميت ٻيڙي گم ٿي وئي
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز