رياض- 21 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب غزه پٽي ۽ ڀرپاسي ۾ فوري طور تي جنگبندي جي مطالبي واري ٺهراءَ جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايس پي اي مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو وي ??هي ته عوامي جمهوريه الجزائر طرفان سلامتي ڪائونسل ۾ غزه پٽي تي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو هو. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته سلامتي ڪائونسل ۾ پهرين کان وڌيڪ سڌارن جي ضرورت ??هي ته ج??ين عالمي سطح تي حقيقي معنيٰ ۾ امن ۽ سلامتي جي قيام جو رستو سڌو ٿي سگهي جنهن لاءِ ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. مملڪت غزه پٽي ۽ ان جي ويجهن عل??ئقن ۾ بگڙجندڙ صورتحال ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجندڙ عسڪري ڪارروا??ين ۾ اضافي کان به خبردار ڪيو جنهن جي ڪري فلسطين مسئلي جي پر امن حل جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن.
غزه ۾ جنگ بندي جي قرار داد کي ويٽو ڪرڻ تي سعودي عرب پاران ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری