رياض-17 اپريل (ا?? پي پي ) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود پنهنجي ڌار ڌار بيانن ۾ سلطنت ??مان جي فرمانروا هيثم بن طارق سان سندس ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت، همدردي ۽ نيڪ ??منائن جو پيغام مو??ليو. ايس پي اي موجب خادم الحرمين الشريفين پاران جاري تعزيت?? پيغام ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب سلطنت ??مان ۾ شهرين جي جاني نقصان کي افسوسناڪ خبر ملي اسان کي ان قدرتي سانحي تي ڏک آهي. اسان مشڪل وقت ۾ سلطنت ??مان جي حڪومت ۽ برادر عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ ??هيون. ٻئي پاسي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز به عمان جي سلطان هيثم بن طارق کي برسات سبب متاثرن لاءِ تعزيت ۽ همدردي جو پيغام مو??ليو . هن ان قدرتي سانحي جي متاثرين سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي ۽ گم ٿيل شهرين جي خيريت سان واپسي جي دعا ڪئي. واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سلطنت ??مان ۾ ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي ماڻهون اجل جو شڪار ۽ گم ٿي ويا هيا .
سعودي عرب جي خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوتگين تي عمان جي فرمانروا سان تعزيت
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری