اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دنيا ۾ اهي ئي قومون ڳاٽ اونچو ڪري هلي سگهن ٿيون جيڪي پنهنجي قدرن کي مضبوطي سان پڪڙين ۽ پنهنجي قومي سڃاڻپ تي ڪڏهن ڌٻو اچڻ نه ٿيون ڏين. اها ڳالهه هن وفاقي تعليمي بورڊ جي 30 هين سرٽيفڪيٽس ۽ اعزاز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي تعليم ?? پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. صدر چيو ته تعليم سان گڏوگڏ تربيت جي به برابر اهميت آهي جنهن کي تعليم جو لازمي حصو بڻايو وڃي ته ان جا تمام گهڻا مثب?? نتيجا نڪرندا ۽ اسان جا ٻار مسئلن ۽ مشڪلاتن مان مايوس ٿيڻ بدران اميد جو ??امن نه ڇڏيندا ۽ مثبت انداز فڪر اختيار ڪري قوم جي طاقت بڻجندا ۽ زماني جي لاهن چاڙهن کي سمجهي پنهنجي لاءِ صحيح ??ست?? جي چونڊ ڪري سگهندا.
مضمون کا ماخذ : números dupla sena