اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي قطعي برداشت نه ڪرڻ جي واض?? پاليسي کي ور??ائ??ندي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو آهي ته قومي پاليسي جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪوششون جا??ي رکيون وينديون، فوجي عدالتن انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، ??فاقي حڪومت فوجي عدالتن کي جا??ي رکڻ لاءِ آئيني ترميم تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس دوران دهشتگردي جي خاتمي جي آپريشنز ذريعي ملندڙ ڪاميابين کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ کي نظر ۾ رکندي داخلي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو تف??يلي جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ