??وڪ??ڙه – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته 2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، تربيلا، نيلم جهلم ۽ ٻين بجلي جي منص??بن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، 960 ميگاواٽ جو نيلم جهلم جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ٿيندو، نواز شريف ڪنهن جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندو، اسان کانسواءِ ڪنهن موٽرويز تي ڌيان نه ڏنو، سڄي ملڪ ۾ ترقياتي ڪم جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??وڪ??ڙه ۾ مسلم ليگ (ن) جي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام جو جوش 2013ع جو منظر ياد ڏياري رهيو آهي، آئون ??وڪ??ڙه سان ۽ ??وڪ??ڙه جي عوام مون سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. وزيراعظم ان موقعي تي ديپالپور فلائي اوور ج?? تعمير ۽ سوئي گئس جي فراهمي، رستن ج?? تعمير ۽ مرمت جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ديپالپور فلائي اوور ج?? تعمير تي 74 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندو جڏهن ته رستن ج?? تعمير ۽ مرمت تي 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا.
2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب