اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گوادر ۾ ريفائنري قائم ڪرڻ جي ??اءِ سعودي عرب سان مفاهمت جي ??ادداشت تي ??حيحون ڪرڻ، اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار طرفان ڪيل غير قانوني ڀرتين تي مختلف ادارن جي سربراهن کي برطرف ڪرڻ ۽ چئني صوبن ۾ 2467 سرڪاري ملڪيتن کي استعمال ڪرڻ جي ??اءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آه??، جڏهن ته وزيراعظم هائوس ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪرڻ جي ??اءِ چارٽرڊ به ڪابينا جي سامهون پيش ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي وئي، نيلم جهلم هائيڊرو پراجيڪٽ، نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ اسٽيل مل جي ??نصوبن جو فرانزنڪ آڊٽ ڪرايو ويندو، ترڪي اسلام آباد ۾ هاسپيٽلٽي ڪاليج قائم ڪندو، اهو پاڪستان جي عوام لاءِ ترڪي طرفان تحفو آه??، وزيراعظم عمران خان جلد هڪ وڏي هائوسنگ منصوبي جو اعلان ڪندو، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پيٽروليم، قدرتي وسيلن جو وفاقي وزير سرور خان سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اسحاق ڊار طرفان ڀرتي ڪيل نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي چيئرمين سعيد احمد، فرسٽ وومين بئنڪ جي طاهره رضا، زرعي ترقياتي ??ئنڪ جي سعيد طلعت حسين، ايس ايم اي بئنڪ جي احسان الحق، ريگوليٽري اٿارٽيز ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر جميل احمد، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر شمس الرحمان، خواجه خليل، ڪانمپيٽيشن ڪائونسل آف پاڪستان ۾ محمد سليم، شهزاد عنصر کي عهدن تان برطرف ڪري ڇڏيو آه?? اهي سڀ مقرريون غير قانوني هيون.
وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، چوڌري فواد حسين جي ميڊيا کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : رومن دولت