گڏيل قومون -28 مارچ (اي ??ي پي) گڏيل قومن چيو آ??ي، ته ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو امن جٿو هاڻي ان ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگهي ??ند کي (حفاظتي ??ند) کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي ته جيئن عوام کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي. يو اين آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آ??ي، ته 2021ع ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌڻ شروع ٿي هئي ته پاڪستاني انجنيئرن ڊگهي حفاظتي ??ند کي تعمير ڪرڻ جو ڪم سنڀاليو ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ عارضي دفاعي ڍانچو تعمير ڪيو جنهن کي هاڻي اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهيون، پاڪستاني انجنيئرن جي ڪمانڊنگ آفيسر ميجر وقاص سعيد خان چيو ته اسان سڀ کان پهرين جواب ڏيندڙ هئاسين ۽ اسان ئي پهرين مرحلي دوران اٽڪل 88 ڪلوميٽر ڊگهو ??ند تعمير ڪيو هو. هن چيو ته گذريل مهيني دوران اسان جو ڪم بنيادي طور تي ??ند کي مضبوط بڻائڻ هو، اسان ان کي ساڍا 3 ميٽر اوچي ڀت ۾ تبديل ڪيو آ??ي جيڪو گاڏين ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جي استعمال لاءِ ڪافي ويڪرو آ??ي.
ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو امن جٿو عوام کي ٻوڏ کان محفوظ رکڻ لاءِ حفاظتي بند کي مضبوط بڻائي رهيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔