ٽوڪيو-02 جنوري (اي پي پي) جاپان ۾ گذريل ڏينهن 7.6 جي شدت جي زلزلي سبب 30 ماڻهو فوت ٿي ويا. شنهوا مقامي عملدارن جي حوالي سان ٻُڌايو ته سينٽرل جاپان ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد زلزلي کان پوءِ اشيڪاوا تي پريفيڪچر عمارتون ڪِرڻ ۽ باهه لڳڻ جي ??تيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن. زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون پڻ ڊهي پيون. ر??تن ۾ ڏار پئجي ??يا ۽ رهائشي علائقن ۾ باهه لڳي وئي ۽ اٽڪل 36 هزار گهر بجلي جي سهولت کان محروم ٿي ويا آهن. مشهور سياحتي ماڳ وجي??ا مارننگ مارڪيٽ جو وڏو علائقو باهه جي ??پيٽ ۾ اچي ويو، جنهن سبب 200 عمارتون باهه هيٺ رهيون. جاپان جو سيلف ڊفينس فورس زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز