گڏيل قومون-26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير بابت اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ ڪشميري عوام جي خودمختياري وار?? حق لاءِ سندن جائز جدوجھد جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي آزاد ڪشمير ۽گلگت بلتستان جي حوالي سان ڀا??تي اڳواڻن جي غير ضروري دعوائن کي سختي سان رد ڪيو. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ ان ڳالھه تي زور ڀريو ويو آھي ته ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لوڪ سڀا قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون ڪشميري عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي متبادل طور تي ڪم نه ٿيون ڪري سگھن. بيان ۾ ان ڳالھه تي به زور ڀريو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??ي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي اميدن مطابق ڪشميري تڪرار جي حتمي حل تي دارومدار رکي ٿو. اجلاس ۾ پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، آذربائيجان ۽ نائيجر جي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراھيم طحه ڪئي. اهو اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي منعقد ٿيو آهي. اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.رابطه گروپ ۾ پاڪستان جي اڳواڻي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف ڪئي. هن اجلاس ۾ شريڪ نمائندن کي ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي خراب ٿيندڙ صورتحال بابت آگاهه ڪندي چيو ته ڄمون ڪشمير ۾ انسان?? حقن جون ڀڃڪڙيون عروج تي آھن. گڏيل بيان ۾ 5 آگسٽ 2019ع يا ان کانپوءِ کنيل سمورن غير قانوني قدمن کي واپس وٺڻ، ڄمون ڪشمير ۾ انسان?? حقن جي مجموعي، منظم ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين کي روڪڻ، تڪراري علائقن ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين کي روڪڻ، گڏيل قومن جي خاص طريقيڪار، عالمي ميڊيا ۽ آزاد مبصرن کي خطي جو دورو ڪرائڻ لاءِ غير محدود رسائي جي اجازت ڏيڻ تي زور ڀريو ويو آھي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀا??تي حڪومت پاران گذريل سال ڊسمبر ۾ ڄمون ڪشمير جي حيثيت بابت ڀا??تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي اهو چئي رد ڪيو ويو ته ڄمون ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حثيت کي نقصان پهچائڻ لاءِ ملڪي قانون سازي ۽ عدالتي فيصلن کي استعمال نٿو ڪري سگهجي. بيان ۾ حريت قيادت، ڪشمير جي سياسي اميدن تي آواز ۽ ھزارين سياسي ڪارڪنن ۽ اختلاف راءِ رکڻ وارن جي ڊگھي نظربندي، ڪيترين ڪشمير جي سياسي جماعتن تي پابندي ۽ ڪشمير جي ڪارڪنن جي ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ آبادي کي ڊڄارڻ ۽ ڌميڪون ڏيڻ جي جاري مھم جي مذمت ڪئي وئي.بيان ۾ زور ڀريو ويو ته ڀا??ت ڄمون ڪشمير ۾ ??نه??جي فوج پاران انسان?? حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي انسان?? حقن بابت ھاءِ ڪمشنر جي آفيس کي درخواست ڪئي وئي ته ھو ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ خراب ٿيل صورتحال جي نگراني جاري رکي. 2018ع ۽ 2019 ع جي ??نه??جي رپورٽن کانسواءِ اتي جاري انسان?? حقن جي خلاف ورزين تي ٽئين رپورٽ جاري ڪري.بيان ۾ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته اھي گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي ڪشميري عوام جي حالتن کي اجاگر ڪن.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بلدياتي چونڊون عوام جي خوداراديت واري حق جو متبادل ناھن: او آءِ سي رابطا گروپ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین