اوٽاوا_27 سيپٽمبر(اي پي پي) ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير ميلانيا جولي پارليمان ۾ اڳوڻي نازي فوجي جي تعريف ڪرڻ تي هيٺين ايوان دارالعلوام جي اسپ??ڪر انٿوني روٽا کان استعفي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، مي??يا رپورٽن موجب هن ڪابينه جي اجلاس کان اڳ صحافين کي ٻڌايو ته اهو واقعو دارالعوام ۽ ڪينيڊا جي عوام لاءِ شرمندگي جو سبب آهي منهنجي خيال ۾ اسپ??ڪر کي استعفي ڏيڻ گهرجي، واضع رهي ته هو لبرل ڪابينه جو پهريون مي??بر آهي جنهن اسپڪر کان استعفي جو مطالبو ڪيو آهي، وزيراعظم جسٽس ٽروڊو ڪابينه جي اجلاس کان اڳ صحافين کي ٻڌايو هو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته اسپ??ڪر انٿوني روٽا ذاتي طور تي معافي ورتي آهي۽ هاڻي هوا ن ڳالهه تي غور ڪري رهيا آهن ته ايوان جي وقار کي ڪهڙي ريت يقيني بڻائجي، واضع رهي ته اسپ??ڪر انٿوني روٽا ٻه ڏينهن اڳ ايوان کان معافي گهري هئي جڏهن ته هن استعفي ڏيڻ واري مطالبي جي مخالفت ڪئي هئي.
ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير جو نازي فوج جي تعريف ڪرڻ تي دارالعوام جي اسپيڪر کان استعفي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا