غزه -28 نومبر (اي پي پي) قطر چيو آهي، ته ڌرين ۾ غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌ??ڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق ڪيو آهي. اها واڌ ڌرين وچ ۾ جمعي تي طئي ٿيل معاهدي تحت آخري 11 اسرائيلن جي آ??ادي بعد ڪئي وئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب اسرائيل جي اختيارين ٻڌايو آهي ته آزاد ٿيلن ۾ 3 سالن جا جاڙا ٻار ۽ سندن والده کان علاوه وڌ??ڪ 6 ٻار ۽ هڪ عورت ۽ سندس ٻار شامل آهن. قطر چيو آهي، ته آزادي ماڻيندڙن ۾ فرانس، جرمني ۽ ارجنٽائين جي شهريت ??کندڙ ماڻهو به شامل آهن. قيدين جي آمد جي تصديق ٿيڻ بعد اسرائيل جي جيل اٿارٽي چيو آهي، ته 33 فلسطيني قيدين کي آ??اد ڪيو وي?? آهي. قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي دوران غزه ۾ وڌ??ڪ ٻن ڏينهن لاءِ انساني همدردي تحت جنگ بندي جو مدو وڌائڻ جو معاهدو طئي ٿي وي?? آهي. وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي صحافين کي ٻڌايو ته امريڪا غزه ۾ جنگ بندي ۾ واڌ جي آ??يان ڪئي آهي. هن چيو ته يقينن اسان اميد ڪيون ٿا ته ان وقفي کي وڌ??ڪ وڌايو وي??دو ۽ ان جو دارو مدار غزه مان يرغمالين کي آ??اد ڪرڻ تي هوندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان قدم کي جنگ جي اونداهين وچ ۾ اميد ۽ انسانيت ??ي هڪ جهلڪ قرار ڏنو آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير يرغمالين جي آ??اد جي آ??يان ڪئي جنهن ۾ ٻه جرمن نوجوان به شامل آهن.
غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی