برلن، جنيوا -18 مارچ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن. ٽي آر ٽي مطابق سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ هزارين ماڻهن فلسطين سان يڪجهتي لاءِ مارچ ڪيو. 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ اسرائيل طرفان ڪيل حملن خلاف شهر جي پارڪ ڊيس ڪروپيٽس اسڪوائر تي هزارين ماڻهو گڏ ٿيا. مظاهرين انگريزي، فرانسيسي ۽ عربي ۾ فلسطين جي حمايت ۽ اسرائ??ل خلاف رد عمل جا ??عرا لڳايا. مظاهرين فلسطين خلاف اسرائيل جي نسل ??شي تي رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ غزه م ڏڪار ۽ خاص طور تي بک سبب ٻارن جي فوتگين تي ردعمل جو اظهار ڪيو. اهڙي ريت جرمني جي گا??ي واري هنڌ برلن ۾ پڻ فلسطين جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو ويو. مختلف فلسطيني گروپن جي انتظام هيٺ ”فلسطين سان يڪجهتي جو مظاهرو“ جي دائريڪار ۾ ڪيترائي ماڻهو نيوڪلن ضولع ۾ سوتيلي ٽرين اسٽيشن ويجهو واري علائقي ۾ گڏ ٿيا. جنهن کان پوءِ مظاهرين فلسطيني جهنڊو کڻي حرمين اسڪوائر ڏانهن مارچ ڪيو. غزه تي اسرائيل جي حملي خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين ”غزه ۾ نسل ??شي بند ڪيو“، ”بيت المقدس فلسطين جو گا??ي وارو هنڌ آهي“، هاڻي جنگ بندي ۽ فلسطين جي آزادي جا ??عرا هنيا.
سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرا
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا