ماسڪو- 17 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ بم ڌماڪي ۾ ايٽمي حفاظتي فورسز جو انچارج ۽ هڪ اعليٰ فوجي جنرل مارجي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي ايٽمي، بائيولاجيڪل ۽ ڪيميڪل پروٽيڪشن ٽروپس جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ايگور ڪيريلوف پنهنجي اسسٽنٽ سان گ?? بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل ايگور ڪيريلوف ماسڪو ۾ پنهنجي اسسٽنٽ سان گ?? رهائشي اپ??رٽمنٽ بلڊنگ کا ٻاهر اچي رهيو هو ته هڪ اسڪوٽر ۾ نصب ڪيل ڌماڪيدار مواد ڦاٽي پيو. يوڪرين ۾ ڪيميڪل هٿيار استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ برطانيه، جنرل ايگور ڪيريلوف تي آڪٽوبر ۾ پابنديون لاڳو ڪيون هيون. جنرل ايگور ڪيريلوف لڳ ڀڳ 3 سال اڳ يوڪر??ن جنگ جي شروعات کانپوءِ ماسڪو ۾ اهڙي طرح جي ڌماڪي ۾ مارجي ويل سڀ کان اعليٰ روسي فوجي اهلڪار آهي. روسي جاچ ڪميٽي ??و چوڻ آهي ته ماسڪو ۾ ريازنسڪي ايونيو تي واقع رهائشي عمارت جي ٻاهر بيٺل اسڪوٽر ۾ ڌماڪيدار مواد نصب هو جيڪو 17 ڊسمبر جي صبح ڦاٽڻ سبب جنرل ايگور ڪيريلوف جو موت واقع ٿيو.
روس جي ايٽمي حفاظتي فورسز جو سربراهه بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ