اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اورينج لائين لاهور تي ميٽرو ريل ٽ??ان??ٽ سسٽم لاءِ سيڙپڪاري جي فراهمي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صحيحون ٿيل بين الحڪومتي ڍانچه جاتي معاهدي، ڪيترن ئي شعبن ۾ تعا??ن لاءِ مختلف رياستن سان ٺاهن ۽ ”شيشي“ ۽ لاڳاپيل مواد جي درآمد تي پابندي سميت 28 ايجنڊا آئٽمز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪشمير ۽ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال جي سرفهرست رکندي وڏي ايجنڊا غور هيٺ آئي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب ڪابينا سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پيروي ڪندي ذائقي ۽ غير ذائقي شيشي (ٽوبيڪو ۽ ٽوبيڪو فري) ۽ لاڳاپيل شين جي درآمد تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ??زيراعظم جي عالمي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي پروگرام ۽ بنا ن??لي جي ڏيڻ وٺڻ کي باقاعده بنائڻ لاءِ تجويز ڪيل قانون سازي جي به منظوري ڏني.
وفاقي ڪابينا پاران 28 ايجنڊا آئٽمز جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر