اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ثقافت، قومي ورثي، زبان جي واڌويجهه لاءِ تسلسل سان نصابي ۽ هم نصابي سر??رميون منعقد ٿيڻ گهرجن، قومي زبان جو ثقافت س??ن گهرو تعلق آهي، نئين نسل کي اردو زبان جي فروغ، قومي ورثي سان ڳنڍڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي.. هو نجي اس??ول سسٽم جي 30 هين سالگرهه جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب نجي اس??ول سسٽم جي 30 هين سالگرهه تي اسڪول جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته روٽس اس??ول جا مختلف پروگرام آهن پر هڪ عورت جنهن جو ويزن اڄ هڪ ڦلدار وڻ جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي اها عورت مس مشتاق آهي، سندس ويزن تحت اڄ هي اس??ول سسٽم معياري تعليم، هم نصابي سر??رمين، اسپورٽس، ڪلچرل ۽ ثقافت جي ميدان ۾ به سڀ کان اڳتي آهي.
تعليمي ادارن ۾ تسلسل سان نصابي سرگرميون منعقد ٿيڻ گهرجن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری