ساپالو – 15 جنوري (اي پي پي) برازي?? جي ڏکڻ اوڀر واري رياست ريوڊي جنيرو ۾ شديد برساتن سبب مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق برساتن ريوڊي جنيرو شهر جي اترئين حصي ۽ ويجهن ميونسپلٽيز سميت نائٽروئي، ڊيوڪ ڊي ڪسياس، پلفورڊروڪسو ۽ ساجوس ڊي ميرٽي کي پڻ متاثر ڪيو ۽ ڪيترن ئي ??لائقن ۾ گهٽيون بوڏ جي پاڻي سان ??رج?? ويون. فائر ڊيپارٽمنٽ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجا گهر خالي ڪرڻا پيا. شهر جي ميئر ايڊورڊ پيس هنگامي وسيلن تائين پهچ ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي سار سنڀال لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي برازي?? جي صدر لولا ڊي سلوا وفاقي حڪومت طرفان متاثر علائقن لاءِ امداد جو اعلان ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ