رياض – 08 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان چيو آهي ته آرامڪو ڪمپني جا 8 سي??ڙو شيئرز حڪومتي ملڪيت کان سعودي انويسٽمنٽ فنڊ جي ماتحت ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي ملڪيت ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. سعودي پريس ايجنسي مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرامڪو ڪمپني جي شيئرز جي ملڪيت منتقل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ڪمپني جي ڪل شيئرز مان 82.186 سي??ڙو سرڪاري ملڪيت ۾ رهجي ويا آهن. ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان چيو ته آرامڪو ڪمپني جي شيئرز جي ملڪيت جي منت??لي ملڪ جي ڊگهي مدي واري معيشت کي سپورٽ ڪرڻ جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته سعودي انويسٽمنٽ فنڊ نون شعبن کي متعارف ڪرائڻ، نيون اقتصادي شراڪتداريون پيدا ڪرڻ، وڌيڪ نوجوانن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ کين موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ