گڏيل قومون-28 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڌرتي کي زنده رهڻ جي قابل بڻائي رکڻ جي عالمي ڪوششن جي سلسلي ۾ پلاسٽڪ سان گدلاڻ جي خلاف قدمن ۽ ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي به??ر بڻائڻ جي عزم جي تجديد ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ زيرو ويسٽ جي عالمي ڏينهن (گندڪچري ۾ پلاسٽڪ جو خاتمو) جي مناسبت سان ترڪيه جي مشن، گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (يو اين اي پي) ۽ گڏيل قومن جي هي??من سيٽلمينٽس پروگرام يو اين هيبيٽيٽ جي انتظام هي?? تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان وٽ پلاسٽڪ سان گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي به??ر بڻائڻ جا منصوبا آهن. هي ڏينهن عالمي سطح تي گندڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي انتظام کي سگهه ڏيڻ جي اهميت ۽ استعمال ۽ پيدوار جي پائيدار نمونن کي هٿي ڏيڻ جي اجاگر ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسان پلاسٽڪ مان گدلاڻ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ليونگ انڊس انيشيٽو جي مجموعي فريم ورڪ تحت سنڌو درياءُ ويجهو واقع شهرن ۾ پيدا ٿيل گندڪچري ۾ پلاسٽڪ کي ختم ڪرڻ جي منصوبي تي عملدرآمد ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، هن ان سلسلي ۾ جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانس جي قدمن ۽ ترڪيه جي خاتون اول ايمن اردوان جي پيغام ۽ واکاڻ جوڳين ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان قدم جي هڪ حصي طور ملڪ جي سنڌ طاس جي شهرن ۾ گندڪچري مان پلاسٽڪ جو خاتمو ڪيو ويندو، جنهن جي شروعات ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، حيدرآباد، ملتان، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا مان ٿيندو. پاڪستاني نمائندي گندڪچرو پيدا ڪرڻ جي عالمي چئلينج تي روشني وجهندي ميونسپل، ٺوس ۽ خ??رن??ڪ فضلي سميت سالياني پيدا ٿيندڙ گندڪچري جي نمايان مقدار تي زور ڀريو. هن نمائندن کي ٻڌايو ته پاڪستان 241 ملين ماڻهن جي آبادي سان هر سال 30 ملين ميونسپل ٺوس گندڪچرو پيدا ڪري ٿو جنهن مان 10 کان 14 سيڪڙو جي خ??رن??ڪ گندڪچري طور درجه بندي ڪئي ويندي آهي، ان کانسواءِ پاڪستان دنيا جي مختلف حصن مان ساليانو سراسري 80 هزار ٽن خ??رن??ڪ گندڪچرو وصول ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان خ??رن??ڪ گندڪچري جي انتطام جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ 2022ع ۾ خ??رن??ڪ ويسٽ مينيجمينٽ جي قومي پاليسي به جوڙي آهي. پلاسٽڪ جي ڪچري جي حوالي سان پاڪستاني نمائندي ٻڌايو ته پاسڪتان ساليانو 3.9 ملين ٽن پلاسٽڪ جو ڪچرو پيدا ڪري ٿو جنهن مان صرف 25 کان 30 سيڪڙو کي مينيج ڪيو ويندو آهي، پلاسٽڪ جي ڪچري جو هڪ اهم حصو تقريبن 164332 ٽن، سڌو درياءُ جي نظ??م ذريعي هر سال سمنڊ ۾ هليو ويندو آهي. منير اڪرم چيو ته ان روشني ۾ پاڪستان پلاسٽڪ جي گدلاڻ بابت بين الحڪومتي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جو منتظر آهي، هن سرڪلر اڪنامي کي هٿي ڏيڻ جي اهميت، گ??د ڪچري جي انتظام لاءِ سماجي روين، مالي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، هن گندڪچري ۾ گهٽتائي، ٻيهر استعمال ۽ ري سائيڪلنگ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاليسي مداخلتن جي مرڪزي جزي طور گڏيل زميواري جا اصول لاڳو ڪرڻ تي به زور ڀريو.
گڏيل قومن ۾ تقريب کي پاڪستاني نمائندي جو خطاب، پلاسٽڪ سان گدلاڻ خلاف قدم، ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي عزم جي تجديد
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر