دمشق-11 سيپٽمبر (اي پي پي ) شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ سعودي عرب جو سفارت خانو 12 سا??ن کانپوءِ ٻيهر کلي ويو آهي. عرب نيوز موجب سفارتخاني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته تقريب ۾ شام ج?? حڪومت جي عهديدارن، سفارتڪارن، اهم شخصيتن ۽ اسڪالرز شرڪت ڪئي. سفارتخاني جي وقتي ناظم عبدالله الحارث ان موقعي تي چيو ته اهو ڏينهن سعودي عرب ۽ شام وچ ۾ ناتن جي تاريخ جو اهم لمحو آهي. سندس چوڻ هيو ته سفارتخانو ۽ ان جو عملو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ياد رهي ته سعودي عرب شام ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو هو، سا?? 2011ع ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿيڻ جي هڪ سا?? کان پوءِ مارچ 2012ع ۾ پنهنجي سموري عملي کي واپس گهرائي ورتو هو. شام گذريل سا?? رياض ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر کوليو ه??. 6 ??سمبر تي سعودي عرب لاءِ ڊاڪٽر محمد ايمن سوسان کي سفير مقرر ڪيو هو. هن 24 ڊسمبر تي پنهنجون سندون سعود?? حڪومت کي پيش ڪيون هيون.
شام ۾ سعودي سفارت خانو ٻارهن سالن بعد ٻيهر کلي ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ