ٽورنٽو – 4 نومبر (اي پيپي ) ڪينڊا جي وزيراع??م ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ ٿيل تشدد جي واقعي جي مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏنو آه??. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽورنٽو جي علائقي بريمپٽن ۾ هندو سڀا مندر ۾ چڪريون ٿيون جنهن جو الزام ڪجهه سک ڪارڪنن تي لڳايو ويو آه??. بريمپٽن ٽورنٽو جي اتر اولهه ۾ اٽڪل 50 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آه??. مقامي پوليس جو چوڻ آه?? ته هندو سڀا مندر ٻاهران وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آه??. ريجنل پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪا گرفتاري ناهي ٿي. ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا مندر ۾ تشدد جون ڪاروائيون قبول ڪرڻ جوڳيون نه آه??. ڪينيڊا جي هر شهري کي آزادي ۽ تحفظ سان پنهنجي عقيدي تي عمل پيرا ٿيڻ جو حق آه??. لبرل پارٽي جي هڪ ميمبر چندر آريا ان وقعي جو الزام خالصتانين تي لڳايو آه??. هن ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو آه?? ته ڪينڊا جي خالصتاني انتهاپسندن ريڊ لائن پا?? ڪري ڇڏي آه??. هن چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا جي اڱڻ ۾ هندو ڪينڊين عقيدت مندن تي خالصتانين جو حملو ظاه?? ڪري ٿو ته ڪينيڊا ۾ خالصتاني پرتشدد انتها پسندي ڪيتري وڌي وئي آه??. سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ ويڊيو ۾ خالصتان جا ڦڪي رنگ جا جهنڊا ڏيکاريا ويا آه??، واضح رهي ته خالصتان هڪ عليحدگي پسند تحريڪ آه??، جيڪا سکن لاءِ هڪ الڳ رياست جو مطالبو ڪري ٿي، ڪينيڊا ۽ ڀارت وچ ۾ ناتا هن وقت ڇڪتاڻ اختيا?? ڪري ويا آه??. جڏهن ته اوٽاوا ڀارتي حڪومت تي 2023ع ۾ 45 و??هي?? جي ڪينيڊا جي شهري هرديپ س??گهه نجر جي قتل جي رٿابندي جو الزام لڳايو، جيڪو خالصتان تحريڪ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. هرديپ س??گهه نجر جي قتل کان علاوه ڪينيڊا ڀارت تي اهو به الزام لڳايو آه??، ته اهو سندن ڌرتي تي سکن کي نشانو بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي مهم هلائي ??هي?? آه??.
ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ تشدد جو واقعو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي: ڪينڊا جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino