اوٽاوا – 19 اپريل (اي پي پي) ڪئناڊا هلندڙ مهيني پلاسٽڪ گدلاڻ جي خاتمي بابت گڏيل ق??من جي تقريب جي ميزباني ڪندو. شنهوا مطابق ڪئناڊا جي ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت اعلان ڪيو ته ان جو ملڪ پلاسٽڪ گدلاڻ جي خاتمي جي عالمي حل لاءِ 23 اپريل تي گڏيل ق??من جي هڪ پروگرام جي ميزباني ڪندو. وزارت پريس ريليز ۾ چيو ته اها تقريب 23 کان 29 اپريل تائين ڪئناڊا جي گادي واري شهر اوٽاوا ۾ منعقد ٿيندي. 2022 ۾ گڏيل ق??من جي ميمبر ملڪن گڏيل ق??من جي ماحولياتي اسيمب??ي جي ٻيهر شروع ٿيندڙ پنجين اجلاس ۾ 2024 جي آخر تائين پلاسٽڪ گدلاڻ تي قانوني طور تي پابند عالمي معاهدو تيار ڪرڻ جي مينڊيٽ سان بين الحڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria