اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چي?? آهي ت?? تحريڪ انصاف وزيراعظم محمد نواز ش??يف تي هنيل الزامن جي حوالي سان عدالت ۾ ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي، وزيراعظم ماضي وانگر الزامن مان باعزت بري ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان بني گالا ۾ ويهي ت??ام گهڻيون ڳالهيو ڪري ٿو پر سندس وڪيل عدالت ۾ هنيل الزامن جي حوالي سان ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهن ڪري سگهيا. پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير عل?? صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم محمد نواز ش??يف تي ماضي ۾ به ڪوڙا الزام هنيا ويندا رهيا آهن پر اسان عدالت ۾ ثابت ڪنداسين ته محمد نواز ش??يف جي پوري فيملي نيڪ نام آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج