اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ مذهبي هم آهنگي جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ اسلام مذهب سمورن شهرين کي برابري جو حق ڏي ٿو، پاڪستان جو قومي جهنڊو دنيا ?? پنهنجي نوعيت جو منفرد ترين جهنڊو آهي جيڪو پاڪستان ۾ هر عقيدي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿو. صدر ا??ا ڳالهه ايوان صدر ۾ مسيحي برادري جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي واري ??قر??ب کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته آئين ۾ معاشري جي سمورن طبقن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ اها سٺي معاشري جي سڃاڻپ آهي. اهو ئي سبب آهي جو پارليامينٽ جي سمورن ايوانن سميت ه?? طرح جي چونڊيل ادارن ۾ اقليتن جي نمائندگي کي يقيني بڻايو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ