اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فنون لطيفه، ادب، قومي ورثي ۽ ثقافت کي فروغ ڏ??ي عالمي سطح تي پاڪستان ??ي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو، خطاطي جو هنر حاصل هجڻ هڪ سعادت آهي، اس??ام?? خطاطي فن ئي نه پر عقيدي جو اظهار آهي، اس??ام?? خطاطي جي فن پارن کي ڏسي جذبو پيدا ٿيندو ??هي، نمائش جي انعقاد جو مقصد پاڪستان ??ي ثقافت کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ آهي، قائداعظم جو مقصد هو ته پاڪستان ??مهوري ۽ مستحڪم ملڪ بڻجي اڀري، ايندڙ مهيني ۾ پاڪستان ۾ پهرين فلم فيسٽيول جو انعقاد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سڄي دنيا جي بهترين فلمن جي نمائش ٿيندي، ملڪ جي مثبت اميج جي فروغ لاءِ موجوده حڪومت پهرين فلم اينڊ براڊ ڪاسٽنگ پاليسي جوڙي رهي آهي، اسان ??ي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آهي، پنهنجي يوٿ کي فنون لطيفه، ادب، قومي ورثي ۽ ثقافت جي ويجهو آڻڻو آهي. هو پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ قومي تاريخ ۽ ادبي ورثه ڊويزن ۽ تحقيق مرڪز براءِ تاريخ ۽ فن جي ۽ ثقافت اس??ام?? (اريسڪا) جي سهڪار سان پاڪستان ??ي 70 هين سالا جشن آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ چار ڏينهن واري عالمي خطاطي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.
ثقافت کي فروغ ڏئي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج