شنگهائي – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ سيڙپڪاري جا نوان رستا، نيون منڊيون ۽ نوان موقعا پيدا ڪري رهيو آهي، هڪ پٽي هڪ رستو جي ويزن جو حصو هوندي پاڪ چين ا??تص??دي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ ا??تص??دي رابطن ۾ اضافي جو وڏو ذريعو بڻجندو ۽ ان سان گڏيل مقصدن جي فروغ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پي ٽي آءِ جي حڪومت سمورن شعبن ۾ ڏورس اثر رکندڙ بامقصد سڌارا متعارف ڪرائي رهي آهي، نئو?? پاڪستان ڪاروبار جي لاءِ وڌيڪ سازگار ۽ وڌيڪ مقابل?? واري جاءِ هوندو. شنگهائي جي نيشنل ايگ??يب??شن اينڊ ڪنوينشن سينٽر ۾ چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو (سي آءِ آءِ اي) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ پٽي هڪ رستو جو قدم گڏيل مفادن وارو عالمي برادري جوڙيندو ۽ هي نمائش ويجهي ٺوس ا??تص??ديات جي وچ ۾ وڌيڪ آزاداڻي ثمرن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار هوندي.
سي پيڪ سيڙپڪاري جا نوان رستا ۽ نوان موقعا پيدا ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa