اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان چيو آه?? ته 27 فيبروري 2019ع تي دش??ن ڀارت جي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستان ايئر فورس جي رد عمل کي تاريخ ۾ ”آپريشن سو??ٽ ري ٽارٽ“ جي نالي سان ياد رکيو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي پي اي ايف هيڊڪوارٽرز ۾ 264 هين ايئر اسٽاف پريزنٽيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پريس رليز موجب ايئر چيف چيو ته اسان انتهائي عاجزي سان چئون ٿا ته الله تعاليٰ تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ڀارتي جارحيت جو موثر جواب ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ اسان قوم جي اميدن تي پورو لٿا آه??ون، هن چيو ته پي اي ايف جو سو??ٽ رد عمل اسان جي صلاحيتن ۽ قابليتن جو عملي مظاهرو هو ته اسان ڪنهن به صورتحال جو بهتر مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ۽ تيار آه??ون.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن