گڏيل قومون _ 17 آڪتوبر (اي پي پي)گڏيل قومن غزه بحران ۾ اسرائيلي بربريت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جا حملا هر هنڌ انساني همدردي جي بنيا تي ا??دادي سرگرمين ۾ رڪاوٽ آهن. اها ڳالهه گڏيل قومن جي وقتي ا??ڊر سيڪريٽري جوائس مسويا يو اين سيڪيورٽي ڪائونسل کي غزه جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چئي. هن ٻڌايو ته غزه جي صورتحال هر ڏينهن بدترين ٿيندي پئي وڃي ڇو ته اسرائيلي فوجي حملا هر موڙ تي ا??ساني همدردي جي بنياد تي ا??داد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهن. هن چيو ته اسپتالن ۾ ٻارڻ ۽ ضروري طبي سامان ختم ۽ خوراڪ جو ذخ??رو گهٽجي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا طرفان اسرائيل کي فوجي سپلائي روڪڻ جي ڌمڪي باوجود علائقي ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ا??داد جي فراهمي جي اجازت نٿي ڏني وڃي.جوائس مسويا چيو ته هڪ هفتو اڳ سندس آخري بريفنگ ??عد غزه جي ماڻهن کي اسرائيلي فضائي حملن جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي جاني نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
غزه ۾ اسرائيلي حملا هر هنڌ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي سرگرمين ۾ رڪاوٽ آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil