اوٽاوا-30 آڪتوبر (اي پي پي )ڪينيڊا جي حڪومت چيو آهي ته ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪينيڊا ۾ سک علحدگي پ??ندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آهي. اها ڳالهه ڪينيڊا جي نائب پرڏيهي وزير ڊيوڊ موريسن قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي ميڊيا م??جب هن چيو ته ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪينيڊين سک عليحدگي پ??ندن کي نشانو بنائڻ لاءِ انٽيليجنس ڪارروائين جو حڪم ڏنو هيو. هن انهن ڪاروائين ۾ اميت شاهه جي مبينه ڪردار جي تصديق ڪئي جنهن جي باري ۾ ڊيوڊ موريسن جي دعويٰ آهي ته ڪينيڊا ۾ خالصتان جي حامي ڪارڪنن کي ڌمڪائڻ جي مهم جو حصو هيو. واشنگٽن پوسٽ ڪينيڊين اڳواڻن جي حوالي سان ٻڌايو ته اميت شاهه اهي ڪوششون سک عليحدگي پ??ندن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي حصي طور ڪيون آهن. ڪينيڊا ??لن??ڙ مهيني جي شروعات ۾ ملڪ اندر سک عليحدگي پ??ند تحريڪن کي دٻائڻ جي سرگرمين ۾ مبينه طور ملوث ٿيڻ جي رد عمل ۾ 6 ڀارتي سفارت ڪارن کي ملڪ بدر ڪيو هيو جڏهن ته ڀارت انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي. ڪينيڊا کانپوءِ آمريڪا به ڀارت تي اهڙا الزام لڳايا آهن. ??لن??ڙ مهيني جي شروع ۾ آمريڪاجي انصاف واري اداري ڀارتي انٽيليجنس آفيسر وڪاس يادو تي قتل لاءِ رقم ڏيڻ جو الزام لڳايو ، جنهن م??جب هن نيويارڪ سٽي ۾ سک عليدگي پ??ند اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون، جيڪو ٻٽي شهرت يعني آمريڪي ڪينيڊين شهري کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي هئي . ايف بي آئي آمريڪي شهرين خلاف جوابي ڪارروائي جي خدشن جو حوالو ڏيندي تنبيهه به جاري ڪئي آهي. ڀارت هاڻي تائين آمريڪي الزامن ??ي عوامي تبصري کان پاسو ڪيو آهي.
ڀارتي گهرو وزير سک عليحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آهي: ڪينيڊا
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن