اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان مراڪش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ڀائراڻا رابطا گڏيل عقيدي، تاريخي تجربن ۽ ثقافتي روايتن تي ٻڌل آهن. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير مصطفيٰ صلاح الدين س??ن ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ سفارتي مدي دوران پاڪ مراڪش ٻه طرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي سارا??ين??ي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ سندس قابل قدر ڪوششون مستقبل ?? جاري رهنديون.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون