اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻارن جي شروعاتي عمر کان تعليم ۽ تربيت وقت جي اهم ضر??رت آهي ته جيئن انهن ۾ مثبت رجحانن پروان چڙهي سگهن، ده??تگردي جي خاتمي ۽ نئين نسل جي ذهنيت کي تبديل ڪرڻ جي حڪمت عملي جي ڏس ۾ سکيا ۽ صلاحيت ۾ اضافي جا ڪورسز منعقد ڪرائڻ انتهائي آهم آهن، موجوده حڪومت ده??تگردي جي روڪٿام جي بياني جي تياري لاءِ ث??اف??، ورثي ۽ فلمي صنعت جي بحالي جو منصوبو شروع ڪيو آهي، هي اجتماعي ذميداري آهي ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي ان ۾ حصو وجهڻ گهرجي، ده??تگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو تعليم ۽ سکيا سان ئي ممڪن آهي، انفارميشن آفيسرن کي نئين ايجادن سان پنهنجو پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن اينڊ ميڊيا انگيجمينٽ ٽريننگ ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو تعليم ۽ سکيا سان ئي ممڪن آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن