رياض -04 سيپٽمبر (اي پي پي)سعودي عرب اسٽيل انڊسٽري سيڪٽر ۾ وڏي ڪمپني حديد قائم ڪرڻ جو اعلان ??يو آهي، سعودي خابرو اداري مطابق سعود?? آئرن اينڊ اسٽيل ڪمپني حديد ۾ پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ ۽ الراجحي انويسٽمينٽ ڪمپني جي ملڪيتي حقن جي شرح طئي ڪئي ويندي. سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ چيو آهي، ته سابڪ کان حديد ڪمپني جا 100 سيڪڙو شيئر خريد ڪرڻ جو معاهدو ??يو آهي. معاهدي جي شرطن مطابق حديد ڪمپني الراجحي اسٽيل انڊسٽريز ڪمپني جي شيئرز جو به 100 سيڪڙو ??الڪ هوندي. معاهدي تحت حديد ڪمپني ۾ محمد العزيز الراجحي اينڊ سنز ڪمپني کي نوان شيئرز حاصل ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جا موقعا ڏنا ويندا. پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جي ڊپٽي گورنر يزيد بن عبدالرحمان الحميد چيو آهي، ته مستقبل ۾ لوهه جي صنعت سعودي معيشت جي اهم ترين شعبن مان هڪ هوندي، جنهن مان آمدني جي ذريعن ۾ واڌ پيدا ٿيندي ?? معيشت جي شرح وڌائڻ جو به سبب بڻجندي.
سعودي عرب طرفان لوهه جي صنعت جي شعبي ۾ حديد ڪمپني قائم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : números quina hoje