رياض – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ۽ ڀارت سپلاءِ چين، ماحول دوست گرين هائيڊروجن ?? بجلي جي نظام کي مربوط ڪرڻ بابت سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪ??ون آهن. عرب خابرو اداري مطابق سعودي توانائي واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان ?? بجلي ۽ تجديد جوڳي توانائي بابت ڀارتي وزير راج ڪمار سنگهه مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪ??ون. ڌرين وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيون وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا ۾ موسمياتي ويڪ 2023 جي موقعي تي ڪيون ويون. موسمياتي ويڪ جو اهتمام سعودي عرب گڏيل قومن جي سهڪار سان گادي واري شهر رياض ۾ ڪيو هو. مفاهمتي يادداشت جو مقصد تجديد جوڳي توانائي ۽ گڏيل ماحول دوست گرين هائيڊروجن منصوبن، هنگامي حالتن ۽ انتهائي مصروف وقت ۾ بج??ي جي ڏي وٺ ?? بجلي جي نظام کي مربوط ڪرڻ جي سلسلي ۾ سهڪار جو جنرل فريم ورڪ تيار ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج