??سل??م آباد – 27 آ??ٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بجلي واري شعبي کي گئس جي مناسب دستيابي کي نظ?? ۾ ??کندي تيل تي ٻڌل پاور پلانٽس کي مرحليوار گهٽ کان گهٽ ممڪن وقت ۾ گئس تي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انهن قدمن سان نه رڳو ملڪ جي تيل جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي ايندي پر بجلي جي وڌ کان وڌ دستيابي يقيني ٿيندي، هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ بجلي پيداوار ۽ ملڪ ۾ گهرج ۽ پهچ جي جائزي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ بجلي جي پيداوار بابت ڪاٿو ۽ نومبر 2017ع کان فيبروري 2018ع تائين ايندڙ چئن م??ينن ۾ متوقع گهرج جو به جائزو ورتو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مختلف ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کان م??يل انگ اکرن م??جب ايندڙ چئن م??ينن ۾ سراسري گهرج جو ڪاٿو تقريبن 14 هزار 452 ميگاواٽ آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر