واشنگٽن – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ فراڊ ڪيس ۾ پنهنجي دفاع ۾ بيان ڏيڻ جو ارادو تبديل ڪندي چيو آهي ته هو ڪو موقف نه ڏيندو ڇو ته هن وٽ چوڻ لاءِ ??ڌيڪ ڪجهه نه آهي. اردو نيوز مطابق ٽرمپ سوشل ميڊيا پل??ٽ فارم ”ٽروٿ“ تي لکيو ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي پٽن ڊان جونيئر ۽ ايرڪ، ٽرمپ آرگنائيزيشن جي ٻين عهديدارن خلاف جاري ڪيس ۾ پهرين ئي گواهي ڏئي چڪو آهي. ٽرمپ کان گذريل مهيني استغاثه طرفان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي جنهن هن تي ۽ ٻين مدع?? عليهان تي الزام هنيو ته هنن پنهنجي ريئل اسٽيٽ جي اثاثن جي ماليت کي وڌائي پيش ڪيو ته جيئن بينڪ قرضن ۽ انشورنس جي لاءِ ش??طن تي پورو لهي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا