گڏيل قومون-20 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ٻارن جي حوالي سان فنڊ (يونيسيف) چيو آهي ته غزه جيڪو مسلسل اسرائيلي حملن جي زد ۾ آهي، ٻارن لاءِ دنيا جو سڀ کان و??و خطرناڪ مقام بڻجي چڪو آهي، جنگ بندي نه ٿيڻ جي صورت ۾ بيمارين سبب معصوم ٻارن جو موت بمباري سبب ٿيل فوتگين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندو. يونيسيف جي ترجمان جيمز ايلڊر جاري هڪ بيان ۾ خبردار ڪيو ته خوراڪ، پاڻي، پناهگاه ۽ صفائي سٿرائي جي کوٽ ٻارن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي رهي آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن محفوظ جڳهه کانسواءِ مسلسل فضائي حملن جو شڪار آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ امداد جي پهچ کي آسان بڻائڻ لاءِ جنگ جي وقفي سان، هن جنيوا ۾ صحافين کي ٻڌايو ته هر ٻار ان 10 هفتن کان ان جنهم کي برداشت ڪري رهيو آهي ۽ ان مان ڪو به بچي نٿو سگهي، جيئن ته هڪ شديد بيمار ٻار جي والدين مو?? کي ٻڌايو، اسان جي صورتحال خالص ڏک ۽ درد آهي، مو?? کي خبر ناهي ته اسان ان مان گذرنداسين يا نه، غزه جي صحت کاتي جي عملدارن موجب 7 آڪٽوبر کان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين 19400 فلسطيني شهيد ڪيا ويا، ۽ 52000 کان و??يڪ زخمي ٿيا پر طبي سهولتن تائين انهن جي پهچي انتهائي محدود آهي. گڏيل قومن جي صحت جي اداري ڊبليو ايڇ او اڱاري ڏينهن چيو ته غزه جي پٽي جي 36 اسپتالن مان صرف 8 جزوي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن، ايلڊر چيو ته اسپتال ٻارن ۽ سندن والدين سان ڀريل پيا هئا ۽ سڀئي جنگ جي سختيون برداشت ڪري رهيا هئا، پٽين ۾ ويڙهيل تمام گهٽ ٻارن کي ڏٺو، تقريبن 1000 ٻار پنهنجي هڪ يا ٻئي ٽنگون و??ائي چڪا آهن، ايلڊر چيو ته گ??ري?? 48 ڪلاڪن دوران غزه جي سڀ کان و??ي باقي رهيل خان يونس جي الناصر اسپتال تي ٻيهر گولا باري ڪئي وئي، جتي وڏي تعداد ۾ زخمي ٻارن ۽ ٻين دربدر ماڻهن کي پناهه ورتي آهي. هن چيو ته اندازي موجب غزه جي اٽڪل 19 لک ماڻهو يا اڪثريتي آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي.
غزه مسلسل اسرائيلي حملن سبب ٻارن لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو خطرناڪ مقام بڻجي چڪو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ