گڏيل قومون -31 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آفيس لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت ۾ اسرائيلي حملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته گڏيل قومون سڀني ڌرين کان وڌ کان وڌ ??حمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڀرين ٿيون. تاس موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آفيس گذريل ڏينهن بيان م چيو ته ا??ان کي 30 جولاءِ جي شام جو بيروت جي اولهه پاسي جي ڳتيل آبادي وارن علائقن تي اسرائيلي فوج جي حملن تي سخت ڳڻتي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ??هر?? مارجي ويا آهن. بيان ۾ چيو ويو ته ا??ان هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرين تي زور ڀريون ٿا ته هو وڌ کان وڌ ??حمل جو مظاهرو ڪن ۽ سڀني لاڳاپيل ماڻهن جو وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. گڏيل قومن سڀني ڌرين کان عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پورون ڪرڻ تي به زور ڀريو. واضح رهي ته اسرائيلي فوج 30 جولاءِ تي بيروت جي پسگردائي واري علائقي داحيه تي 4 ميزائل فائر ڪيا هئا جنهن ??ان 4 ماڙ عمارت ۽ ٻين ڪيترين ئي پاسي اوسي وارين جاين ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو هو.
گڏيل قومن پاران بيروت ۾ اسرائيلي حملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل