اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو آهي ته شناختي ڪارد جي ٻيهر تصديق جي عمل ۾ ڪنهن مخصوص قوميت کي نشانو نه پيو بڻايو وڃي، 96 هزار بلاڪ شناختي ڪارڊن جي ڪيسن جي نئين طريقيڪار موجب تصديق ڪئي ويندي، سينيٽ جي اجلاس ۾ التوا واري رٿ تي بحث سهيڙيندي انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته شناختي ڪارڊن جي تصديق جي ضرورت تي ??مو??ن ميمبرن زور ڏنو آهي ان حوالي سان خدشا به آهن، پختونن کي شايد محسوس ٿي رهيو آهي کين پريشاني جو منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته ساڍا 10 ڪروڙ شناختي ڪارڊزن جي ٻيهر تصديق ڪئي ويندي، هن چيو ته سمز جي تصديق جي وقت به چيو پئي ويو ته هي قابل عمل نه آهي پر اسان تصدي?? ڪري ڏيکاري آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی