اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪي معيشت ۾ بهتري جي لاءِ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکن. ملڪ جي 70 هين آزادي جي ڏهاڙي جي م??قع?? تي آمريڪا ۾ منعقد پاڪستان فيسٽيول جي م??قع?? تي پنهنجي پيغام ۾ وزيرا??طم محمد نواز شريف چيو ته اهڙي قسم جا ميلا منعقد ڪرڻ سان نوجوان نسل کي پاڪستان جي روايتن، مضبوط ثقافتي ورثي ۽ قوم جي لاءِ ان جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهي ملي ٿي. وزيراعظم پاڪستان فيسٽيول يو ايس اي جي منتظمين کي دلي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ??ه هر سال هي تقري?? ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ هڪ اعزاز ۽ فخر آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی