اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رتوڇاڻ بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ شفاف ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرڻ جي اجازت ڏي، ڀارتي گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي بهادر عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي جنهن جو عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ذريعي انهن سا?? واعدو ڪيو آهي، عالمي برادري ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارتي فورسز پاران بي??نا??ه ڪشميرين تي ظلم جي خلاف آواز بلند ڪري ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام سا?? 70 سا?? اڳ ڪيل واعدن کي عملي جا??عو پارائي. ڪشمير سا?? يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته پاڪستاني عوام ڪشمير سا?? يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سا?? گڏ آهي ۽ بنيادي انساني حق خاص طور تي خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد ۾ پنهن??ي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جي عزم کي ورجائي ٿي.
ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رتوڇاڻ بند ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج