اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آ??ي ته قطر کان ايل اين جي جي درآمد جو معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿيو آ??ي، معاهدي ۾ ڪا به شيءَ لڪائي ناهي وئي، اسان جو معاهدو 15 سال ۾ دنيا ۾ گهٽ ترين قيمت جو معاهدو آ??ي، پهرين اسان ڀاڻ درآمد ڪندا هئاسين، ايل اين جي جي ڪري اڄ اسان برآمد ڪري رهيا آهيون، اڄ پوري ملڪ ۾ هر شعبي کي سڄو سال گئس ميسر آهي، اڳوڻين حڪومتن به ايل اين جي درآمد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پا??ستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جوا?? ڏيندي وزيراعظم چيو ته پا??ستان وٽ توانائي کي کوٽ کي پورو ڪرڻ جو واحد رستو گئس حاصل ڪرڻ هو، ??ن چيو ته توانائي بحران جي خاتمي ۽ ايل اين جي جي لاءِ مشرف حڪومت سميت سمورين حڪومتن ڪوششون ڪيون پر انهن جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي ۽ ڪجهه به حاصل نه ٿيو.
ايل اين جي معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس