اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سي??چن ڪالهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي، اسان جي منزل سري نگر ان خواب جي تعبير آهي جيڪو قائداعظم ڏٺو هو. نئو?? سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ جاري ڪيل نئون نقشو پاڪستان جو نقشو هوندو، وفاقي ڪابينا نئي?? سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني آهي جڏهن ته نئون سرڪاري نقشو پاڪستاني قوم جي ترجماني ڪري ٿو. نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ڏيکاريو ويو جڏهن ته نئين نقشي ۾ سي??چن کي پاڪستان جو علائقو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير هاڻي پاڪستان جي نقشي جو حصو آهن. هن چيو ته پاڪست??ن پنهنجي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کانپوءِ اهو نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو