اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي عملي خدمت ڪرڻ آهي، س??ڪا??ي ادارن کي هر صورت عوام جي خدمت جو پابند بڻايو وڃي، گورننس سسٽم جي بهتري عوام ۽ س??ڪا??ي ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطن سان ??شر??ط آهي، وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب س??ڪا??ي ادارن، کاتن تائين ڪمزور طبقي جي پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ ??و حڪم ڏنو ويو آهي، پاڪستان سٽيزن پورٽل شهرين جي حصيداري گورننس جي فروغ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي مسئلي جي حل لاءِ س??ڪا??ي ادارا موثر خدمتون فراهم ڪري سگهن، وزيراعظم جي ه??اي?? تي ملڪ جو سڀ کان وڏو شڪايتن جو نظام مڪمل فعال ٿي ويو آهي، سڀني صوبن ۾ سٽيزن پورٽل تي آفيسرن جا 8 هزار 864 ڊيش بورڊز کي ذميداري سونپي وئي آهي، جيڪو وزيراعظم عمران جو ڪمزور ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس سڄي ملڪ جي 8 هزار 884 کان وڌيڪ س??ڪا??ي آفيسن، سڀني وفاقي سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تحت س??ڪا??ي آفيسرن کي پنهنجي ڊيش بورڊ کان ڪمزور طبقي جون شڪايتون داخل ڪرڻ ??و حڪم ڏنو ويو آ??ي ۽ خاص طور بزرگ شهرين، بيواهه عورتن، معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي ه??اي??ون جاري ڪيون ويون آهن.
پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي عملي خدمت ڪرڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ