اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ن ليگ ماضي ۾ سدائين ڌانڌلي ۽ فراڊ سان اليڪشن مينج ڪيا، مخالف ڌر جا دليل (ن) ليگ جي ننڍي ذهنيت جو عڪاس آهن، اهي سمجهن ٿا ته اليڪشن کٽڻ جو پيدائشي حق به اهي ئي رکن ٿا، جيڪي اعتراض اٿاريا ويا اهي (ن) ليگ جي مائي??ڊ سيٽ تي ٻڌل هئا، مخالف ڌر جي وڪيل جي دليلن ۾ ڪو به ثبوت نه هو، 2013ع ۽ اڄ جي ا??يڪشن ڪميشن ۾ فرق آهي، اهي ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ لاءِ پئسو لڳائيندا آهن، مخالف ڌر جي منافق رويي تي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي اسجد ملهي سان گڏ اليڪشن ڪميش?? جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران مخالف ڌر جي وڪيل مفروض?? جي بنياد تي اعتراض اٿاريا، اهي ا??يڪشن کٽڻ کي پنهنجو پئداشي حق سمجهن ٿا، انه?? جي دليلن ۾ ڪو به ثبوت نه هو ۽ نه ئي ڪو دليل. هن?? جيڪي نقطا اٿاريا ان سان مسلم ليگ (ن) جي مائي??ڊ سيٽ جي عڪاسي ٿئي ٿي، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ماضي ۾ سدائين ڌئونس، ڌانڌلي ۽ فراڊ جي ذريعي ا??يڪشن مينج ڪيو، اهي ا??يڪشن ۾ هر شيءَ کي جائز سمجهندا آهن، وفاقي وزير چيو ته ڪنه?? جي خواهشن تي پوري تڪ ۾ اليڪشن نٿو ڪرائي سگهجي، جن پولنگ اسٽيشنن تي اعتراض ناهي ته اتي ا??يڪشن ٻيهر ڇو ڪرايو وڃي، اليڪشن عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ٿيندو آهي، وفاقي وزير چيو ته اسان چونڊ ڌانڌلي جي خلاف 2013ع ۾ پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو، ان وقت جي ا??يڪشن ڪميشن ۽ اڄوڪي ا??يڪشن ڪميشن ۾ فرق آهي، اڄ اليڪشن ڪميشن تي ڪو به دٻاءُ نه آهي، هي خودمختيار ادارو آهي.
ن ليگ ماضي ۾ سدائين ڌانڌلي ۽ فراڊ سان اليڪشن مينج ڪيا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن