اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هنگري جي پرڏيهي ۽ واپار واري وز??ر پيٽر سيزج جارتو جمعي تي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستاڻي رابطن جي مناسبت ۽ پوٽينشل کي نظر ۾ رکندي مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آبي وسيلن جي انتظام، خوراڪ ۽ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاج?? ۽ ??عليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم هنگري جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته هو ڪارو??ار دوست ماحول جو فائدو کڻندي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. ملاقات ۾ ڪووڊ – 19 جي وبا جي معيشت تي منفي اثرن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي عوام جي ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ هنگري جي حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان نه رڳو پنهنجي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ بڻائڻ لا??ِ قدم کنيا پر انهن کي معيشت تي ٿيندڙ منفي اثرن کانپو??ِ بک جي هٿان مرڻ کان بچائڻ لا??ِ ڪوششون ڪيون، وزيراعظم افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته افغانتسان ۾ تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آه?? ۽ ??رف ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلي جو سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.
وزيراعظم سان هنگري جي پرڏيهي ۽ واپار واري وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا