اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان قوم سان ڪيل پنهنجي احتساب جي واعدي تان ڪڏهن پوئتي نه هٽيو، وزيراعظم عمران خان قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي، علي ??فر جي رپورٽ سان جهانگير ترين جي خ??اف تحقيقات تي ڪو فرق نه پوندو، ملاقات جي حوالي سان بئريسٽر علي ??فر ۽ بئريسٽر شهزاد اڪبر جي ڳالهه کي اعتبار جوڳي سمجهان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چي?? ته کنڊ اسڪينڊل جي حوالي سان جوڙيل ڪميشن پنهنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ انهن سفارشن جي ب??يا?? تي ايف آءِ اي مختلف شوگر ملز جي خ??اف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ۽ انهن تي ڪارروائي شروع ٿي وئي، جهانگير ترين سياسي طور تي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ان لاءِ ميڊيا تي ان جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ باقي جن جي خ??اف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ان جي حوالي سان اڳڀرائي منظر عام تي نٿي اچي، هن چي?? ته بئريسٽر علي ??فر کي رڳو جهانگير ترين گروپ جي طرفان شڪايتن جي حوالي سان جاچ ڪرڻي هئي، بئريسٽر علي ??فر جي رپورٽ جو ايف آءِ اي جي جاچ يا عدالت جي سامهون جهانگير ترين جي ڪيس جي حوالي سان ڪو به تعلق نه آهي، اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هلي رهيون آهن، بئريسٽر علي ??فر جو ڪم جهانگير ترين گروپ جي شڪايت جي حوالي سان معاملن کي ڏسڻو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته وزيراعظم عمران خان بنا فرق احتساب جي حوالي سان هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي ڪنهن به شخص جو تعلق چاهي حڪومتي پارٽي سان هجي يا مخالف ڌر سان هجي، جيڪڏهن ڪنهن جي خ??اف ڪو سوال اٿي ٿ?? ته انڪوائري به ٿيندي ۽ لاڳاپيل ادارا جاچ به ڪندا ۽ سڀني کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.
وزيراعظم عمران خان قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ