بيجنگ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) عوامي جمهوريه چين جي ثقافت واري وزير مسٽر لوشو گانگ اطلاعات، نشريات ۽ قومي و??ثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات شاهراه?? ريشم بابت عالمي ثقافتي نمائش جي موقعي تي گانسو صوبي جي شهر ڊو آنگ هوانگ ۾ ٿي. چيني وزير سينيٽر پرويز رشيد کي ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مضبوط بنيادن تي مستحڪم آهن جيڪي ثقافت سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تسلسل سان وڏي تيزي سان اڳيان وڌي رهيا آ??ن. چيني وزير چيو ته هڪ اهڙي موقعي تي جڏهن شاهراه?? ريشم جي ڀرپاسي آباد ملڪ ثقافت جي ترقي لاءِ گڏ ٿيا آ??ن، انهن لمحن ۾ پاڪستان جي هتي موجودگي تمام اهم آهي. ان نمائش ۾ دنيا جا 85 ملڪ شرڪت ڪري رهيا آ??ن.
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون