گ??يل قومون -03 مئي (اي پي پي) گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوترش چيو آهي، ته صحافين تي حملا سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي لاءِ خطرو آهن، گ??يل قومن جي سربراهه جو اهو بيان صحافت جي عالمي ڏينهن جيڪو هر سال 3 مئي تي ملهايو ويندو آهي جي موقعي تي سامهون آيو آهي. هن چيو ته آزاد صحافت جمهوريت ۽ انصاف جي بن??اد تي آهي، صحافت اسان سڀني سامهون حقيقتون فراهم ڪري ٿي جڏهن ته دنيا جي هر ڪنڊ ۾ صحافت جي آزادي تي حملا ٿي ره??ا آهن، ان پيغام جي ويڊيو جنرل اسيمبلي جي هال ۾ صحافت جي عالمي ڏينهن جي 30هين سالگره جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب دوران هلائي وئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جي مشهور صحافين، ميڊيا، انساني حقن جي تنظيمن جي سربراهن شرڪت ڪئي، تقريب دوران ٻ??ايو ويو ته 2022ع صحافت لاءِ خطرناڪ سال ثابت ٿيو جنهن دوران 86 صحافي مارجي ويا جڏهن ته سوين صحافين کي قيد ڪيو ويو ۽ انهن تي حملا ڪيا ويا، هن چيو ته سائبر اسپيس ۾ صحافين تي پڻ حملا ٿي ره??ا آهن. هن چيو ته نيٽ معلومات ۽ اظهار جا نوان رستا کول??ا آهن پر ان جو غلط معلومات ۽ سازشي نظرين لاء?? پڻ استعمال ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته پيش ڪئي ويندڙ عوام جي ڀلائي لاءِ هجڻ گهرجي.
صحافين تي حملا سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي لاءِ خطرو آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : بونانزا