جنيوا-13 آڪٽوبر (اي پ?? پي) گڏيل قومن جي انسا??ي حقن واري ڪائونسل جي 54 هين اجلاس ۾ چين، پاڪستان، بوليويا، مصر ۽ ڏکڻ آفريقا سميت ٻين ملڪن طرفان گڏيل طور تي پ??ش ڪيل اڻبرابري جي خاتمي جي روشني ۾ معاشي، ??ما??ي ۽ ثقافتي حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ بابت هڪ قرارداد جي منظوري ڏني وئي. چيني خابرو اداري موجب جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انسا??ي حقن واري ڪائونسل جي 54 هين اجلاس ۾ 80 ملڪن گڏيل طور تي ا?? قرارداد کي پ??ش ڪيو ۽ ان کي اسرندڙ ملڪن طرفان وڏي پئماني تي سپورٽ ملي. گڏيل قومن جي آفيس ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ ٻين عالمي تنظيمن ۾ چين جي مستقل نمائندي ڇن شو انسا??ي حقن واري ڪائونسل ۾ چيو ته قرارداد جو مقصد سمورين ڌرين وچ ۾ اڻبرابري ۽ معاشي، ??ما??ي ۽ ثقافتي حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ آهي ته جيئن ملڪن کي لاڳاپيل معاملن تي هڪجهڙي مٽاسٽا ۽ گڏيل سکڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري سگهجي. اسرندڙ ملڪن چين ۽ ٻين ملڪن جو ٿورو مڃيندي چيو ته قرارداد اقتصادي، ??ما??ي ۽ ثقافتي حقن ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ۽ منصفاڻي ۽ جامع عالمي نظام جي تعمير جي مضبوط مطالبي جو موثر جواب ڏنو. جيڪو گهڻ رخي انسا??ي حقن جي نظام کي ٻيهر متوازن ڪرڻ ۽ ٻيهر شروع ڪرڻ جي تاريخي رجحان موجب آهي ۽ عالمي انسا??ي حقن جي نصب العين جي صحتمند ۽ ڊگهي مدي واري ترقي لاءِ سازگار آهي. يورپي يونين، آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ ٻين ملڪن مثبت ڪوششن تي چين جو ٿورو مڃيو ۽ لاڳاپيل مشاورت ۾ حصو وٺڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستان ۽ چين طرفان پيش ڪيل قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں